ويسٽ انڊيز خلاف هوم سيريز لاءِ پاڪستان وومينز ٽيم جو اعلان

لاهور (ويب ڊيسڪ ) ويسٽ انڊيز خلاف هوم سيريز لاءِ سليڪشن ڪميٽي پاڪستان وومينز ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پاڪستان ٽيم ۾ پنج پليئرز جي واپسي ٿي آهي، سيريز ۾ ٽي ون ڊي ۽ پنج ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏيون وينديون.
ون ڊي لاءِ پاڪستان وومين اسڪواڊ ۾ ندا ڊارڪپتان، عاليا رياض، بسما معروف( فٽنس سان مشروط ) ڊيانا بيگ، فاطما ثناءَ، منيبا علي، نجيها علوي ( وڪيٽ ڪيپر ) نشرا سَنڌو، نتاليا پرويز، صدف شمس شامل آهن.
ان کانسواءِ سعديا اقبال، سدرا امين، سدرا نواز ( وڪيٽ ڪيپر ) طوبيٰ حسن، ام هاني ۽ وحيده اختر به ٽيم جو حصو آهن.
ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ ۾ به ٽيم جي قيادت ندا ڊار وٽ هوندي جڏهن ته ٻين پليئرز ۾ عاليا رياض، عائشا ظفر، بسما معروف( فٽنس سان مشروط) ڊيانا بيگ، فاطما ثناءَ، گل فيروزا، منيبا علي ( وڪيٽ ڪيپر ) شامل آهن.
جڏهن ته نجيها علوي ( وڪيٽ ڪيپر) نشرا سَنڌو، نتاليا پرويز، رامين شميم، سعديا اقبال، سدرا امين، طوبا حسن ۽ ام هاني کي به اسڪواڊ جو حصو بڻايو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.