بالي ووڊ فلم بڙي ميان ڇوٽي ميان جي رليز ملتوي

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ اسٽار اڪشي ڪمار ۽ ٽائيگر شيروف جي نئين فلم ” بڙي ميان ڇوٽي ميان “ جي رليز ملتوي ڪئي وئي آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، ايڪشن ۽ ٿرلر فلم هاڻي 11 اپريل تي سموري دنيا ۾ رليز لاءِ پيش ڪئي ويندي.
ايڪشن ۽ مزاح سان ڀرپور فلم جي شوٽنگ دنيا جي مختلف شهرن ۽ ملڪن ۾ ٿي جن ۾ ممبئي، ابوظهبي، لنڊن، اسڪاٽ لينڊ ۽ اردن شامل آهن.
نئين فلم جو 1998ع جي بلاڪ بسٽر فلم ” بڙي ميان ڇوٽي ميان “ جي ڪهاڻي سان ڪو واسطو نه آهي جنهن ۾ امتياڀ بچن ۽ گووندا مک ڪردار ادا ڪيو هو.
فلم ۾ پرٿوي راج سڪومران ولن جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي جڏهن ته سوناڪشي سنها، منوشي ڇلر ۽ الايا ايف به فلم جو حصو آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.