مان جيتري ٽيلنٽڊ آهيان ايترو ڪم نه ورتو ويو : ڪريتي سينن

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) خوبرو اداڪارا ڪريتي سينن چيو آهي ته بالي ووڊ اسٽارز ٻارن سبب کيس ڪيئي ڪردارن تان هٿ کڻڻو پيو.
بالي ووڊ اداڪارا ڪريتي سينن هڪ انٽرويوءَ دوران انڪشاف ڪندي ٻڌايو ته ڪيريئر جي شروعات ۾ بيچيني ۽ مايوسيءَ جو منهن ڏسڻو پيو.
سندس چوڻ هو ته هوءَ جيتري ٽلينٽڊ آهي ان حساب سان ڪردار نه مليا، بالي ووڊ ۾ پنهنجا نوازي ۽ وڏن اداڪارن جي اولاد سبب ڪيئي فلم کان محروم ٿي.
ڪريتي چيو ته هوءَ صلاحيت جي حساب سان پنهنجي قابليت ماڻهن کي ڏيکارڻ چاهي پئي پر سندس ڀيٽ ۾ فلمي پس منظر سان واسطو رکندڙ نون فنڪارن کي وڌيڪ موقعا ڏنا ويا.
ياد رهي ته ڪريتي سنن 2014ع ۾ فلم هيروپنتي ذريعي بالي ووڊ ۾ قدم رکيو هو جنهن ۾ سندس هيرو ٽائيگر شيروف هو جيڪو بالي ووڊ جي سينيئر اداڪار جيڪي شيروف جو پٽ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.