ملڪ ۾ شوال جو چنڊ نظر اچي ويو، سڀاڻي عيدالفطر ملهائي ويندي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ شوال جو چنڊ نظر اچي ويو ۽ سڀاڻي عيدالفطر ملهائي ويندي.
مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس مذهبي معاملن واري وزارت جي آفيس ڪوهسار بلاڪ ۾ مولانا عبدالخبير آزاد جي صدارت هيٺ ٿيو.
اجلاس ۾ مرڪزي ۽ زونل ڪميٽي اسلام آباد جا ميمبر، موسميات کاتي، سپارڪو ۽ آءِ ٽي جا ماهر شريڪ ٿيا.
مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي کي ڪراچي سميت ملڪ جي مختلف علائقن مان شوال جي چنڊ جون شاهديون وصول ٿيون، جنهن کانپوءِ مولانا عبدالخبير آزاد اعلان ڪيو ته ملڪ ۾ شوال جو چنڊ نظر اچي ويو آهي ۽ سڀاڻي عيدالفطر ملهائي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.