ايشوريا رجني ڪانت جو شادي جي 18 ورهين بعد مڙس ڌنوش کان طلاق وٺڻ جو فيصلو

چنائي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارت جي ليجنڊري اداڪار رجني ڪانت جي نياڻي ۽ پلي بيڪ گلوڪارا ايشوريا شادي جي 18 ورهين بعد پنهنجي مڙس کان رستا ڌار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، اداڪار ۽ فلمساز ڌنوش ۽ ايشوريا بظابطا طلاق وٺڻ لاءِ عدالت سان رابطو ڪيو آهي.
ايشوريا رجني ڪانت ٻن ورهين کان پنهنجي کان ڌار رهندڙ هئي ۽ ٻنهي گڏيل راضپي سان طلاق جي چونڊ ڪئي آهي.
ڌنوش ۽ ايشوريا کي ٻن نياڻين جو اولاد پڻ آهي، چنائي جي فيملي ڪورٽ ۾ جلد سندن ڪيس جي ٻڌڻي شروع ٿيڻ جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.