ايف ايف پي طرفان ڪراچي ۾ مفت عيد بازار

ڪراچي (پ ر) اڄڪلهه جي مهانگائي جي دور ۾ جتي هر ڪو عيد جي خريداري لاءِ پريشان آهي، اتي ئي فائونڊيشن فائٽنگ پاورٽي (ايف ايف پي) طرفان ڪراچي ۾ مفت عيد بازار لڳائي وئي آهي، جنهن ۾ سفيد پوش ماڻهن کي مفت ۾ عيد جي شاپنگ ڪرائي پئي وڃي.
فائونڊيشن فائٽنگ پاورٽي طرفان هر سال جيان هن سال به شهر ۾ مفت عيد بازار لڳائي وئي آهي، جنهن ۾ سوين سفيد پوش خاندان پنهنجي لاءِ عيد جا ڪپڙا، جوتا ۽ ٻيون شيون مفت حاصل ڪندا آهن ۽ عيد جي خوشين ۾ شامل ٿيندا آهن.
فائونڊيشن فائٽنگ پاورٽي گذريل 5 سالن کان ڪراچي شهر ۾ اها بازار لڳائي رهي آهي، عيد جي موقعي تي ان بازار ۾ مردن، عورتن ۽ ٻارن کي ڪپڙا، جوتا ۽ ٻيو ضروري سامان مفت فراهم ڪيو ويندو آهي، جنهن جو مقصد کين عيد جي خوشين ۾ شامل ڪرڻ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.