عامر خان ڏکيون مالي حالتون ياد ڪري جذباتي ٿي ويو

ممبئي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مسٽرپرفيڪشنسٽ عامر خان ننڍپڻ حالتون ياد ڪري جذباتي ٿي ويو.

ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب عامر خان تازي انٽرويو ۾ پنهنجي پيءُ جي ڏکين مالي حالتن جو اعتراف ڪيو. هن چيو ته کيس ياد آهي لاڪٽ نالي فلم هئي جنهن ۾ جتندر، ريکا ۽ قادر خان جهڙا وڏا اداڪار هئا، ان وقت اداڪار هڪ وقت ۾ 30 فلمون ڪندا هئا، ان لاءِ جيئن ڪو مشهور پروڊيوسر ناهي ته گھڻي ترجيح به نه ملندي.

اداڪار عامر خان ٻڌايو ته فلم ”لاڪٽ“ جي ريليز جي تاريخ طئي نه پئي ٿئي ۽ سندس پيءُ کي 8 سال لڳا فلم ٺاهڻ ۾، هن چيو ته اهو دور پيو هلي جنهن وقت پيءُ کي ماڻهو پيسن لاءِ فونون ڪندا هئا ۽ سڄي فيملي اهڙين مالي حالتن جو شڪار هئي جو کين روڊ تي اچڻ جي نوبت آئي.

هن چيو ته اهو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته پيءُ وچين درجي جو پروڊيوسر هو، جيڪو حساس هو ۽ هو سٺي اسڪرپٽ جي چونڊ ڪندو هو ڇاڪاڻ ته سندس فلمن باڪس آفيس تي سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري، پيءُ وڏو ڪاروباري نه هو ۽ هميشا قرضن ۾ هوندو هو، پيءُ اها ڳالهه نه پيو سمجهي ته ايترو قرض نه وٺڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.