چئن سالن بعد ٽيم ۾ واپسي تي محمد عامر جو اهم بيان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) قومي فاسٽ بالر محمد عامر نيوزيلينڊ خلاف سيريز لاءِ اسڪواڊ جو حصو بڻجي ويو آهي، فاسٽ بالر ٽيم جو حصو بڻجڻ تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو آهي.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي محمد عامر هڪ تصوير شيئر ڪئي جنهن ۾ هو وڪيٽ وٺڻ بعد جشن ملهائي رهيو آهي.
فاسٽ بالر پنهنجي ڪيپشن ۾ ” بسم الله الرحمان الرحيم“ لکيو جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته هو پنهنجي زندگيءَ جو نئون بابت شروع ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
واضح رهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي سليڪشن ڪميٽي نيوزيلينڊ خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ 17 رڪني قومي ٽيم جو اعلان ڪيو آهي.
اڄ لاهور ۾ پريس ڪانفرنس وهاب رياض، عبدالرزاق ۽ ٻين ٻڌايو ته نيوزيلينڊ خلاف پنج ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز لاءِ ڪپتان بابراعظم هوندو جڏهن ته ٻين رانديگرن ۾ صائم ايوب، محمد رضوان، شاداب خان ۽ افتخار احمد ٽيم ۾ شامل آهن.
ان کانسواءِ اعظم خان، عثمان خان، نسيم شاهه، عماد وسيم ۽ فخر زمان به قومي ٽيم جو حصو هوندا.
جڏهن ته شاهين شاهه آفريدي، ابرار احمد، عباس آفريدي، محمد عامر ۽ محمد عرفان کي به قومي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
محمد عامر ۽ عماد وسيم جي واپسي ٿي آهي جڏهن ته حارث رئوف انجري سبب ٽيم ۾ شامل نه هوندو ۽ محمد نواز کي ڊراپ ڪيو ويو آهي.
وهاب رياض جو چوڻ آهي ته ٽيم ۾ پنجن ريزرو رانديگرن کي به رکيو ويو آهي، جڏهن ته حارث رئوف هن سيريز لاءِ موجود نه هوندو.
محمد يوسف جو چوڻ هو ته اسان سڀ هڪ پيج تي آهيون، چاهيون ٿا پاڪستان سٺو کيڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.