ممبئي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ ڪنگ خان شاهه رخ خان جي پٽ آريان خان جي پهرين ويب سيريز ”اسٽارڊم“ جي شوٽنگ پوري ٿي وئي آهي.
ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب آريان خان پنهنجي ڪيريئر جي پهرين ويب سيريز ”اسٽارڊم“ جي شوٽنگ پوري ڪري ورتي آهي جنهن جي ڪاسٽ ۾ اداڪار بوبي ديول به شامل آهي.
رپورٽ موجب بوبي ديول گذريل مهيني شوٽنگ پوري ڪري ڇڏي ۽ هاڻي ايندڙ مرحلي جي تياري ٿي رهي آهي جنهن ۾ هو جلد ئي سيريز جي ڊبنگ جو ڪم شروع ڪندو.
ويب سيريز ”اسٽارڊم“ جي ڪهاڻي انهن اداڪارن جي ڏکيائين ۽ چيلنجز بابت آهي جيڪي شوبز انڊسٽري ۾ پنهنجي نئين سڃاڻپ ٺاهيندا آهن ۽ شهرت حاصل ڪرڻ جي خواهش رکندا آهن.
واضح رهي ته ويب سيريز جي اسڪرپٽ پاڻ آريان خان لکي آهي جنهن کي شاهه رخ خان جي پروڊڪشن هائوس ريڊ چليز جي بينر هيٺ ريليز ڪيو ويندو.