الخدمت فائونڊيشن پاڪستان جو صدر غزا متاثرن سان عيد ملهائڻ مصر پهچي ويو

لاهور (پ ر) الخدمت فائونڊيشن پاڪستان جو صدر ڊاڪٽر حفيظ الرحمان غزا جي زخمين ۽ پناهگيرن سان گڏ ملهائڻ قاهرا، مصر پهچي ويو، جتي هو چنڊ رات جي موقعي تي غزا جي متاثر خاندانن کي ميگا شاپنگ سينٽرن تان عيد جي شاپنگ ڪرائندو، زخمين ۽ ٻين پناهگيرن کي الخدمت طرفان فوڊ پيڪيج ۽ عيد جا تحفا فراهم ڪيا ويندا.
ڊاڪٽر حفيظ الرحمان مصر جي ٽن ڏينهن جي دوري دوران قاهرا ۾ قائم الخدمت ڪئمپ آفيس ۽ ويئر هائوس ۾ جاري امدادي سرگرمين جو جائزو وٺندو، گڏوگڏ غزا ۾ امدادي سرگرمين جي حوالي سان ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن ۽ هلال احمد مصر جي آفيشلز سان ملاقات به ڪندو، قاهرا جي ڀر واري علائقي اسمائيليه ۾ قائم الخدمت ويئر هائوس مان امدادي سامان جي نئين کيپ غزا لاءِ رواني ڪئي ويندي.
ڊاڪٽر حفيظ الرحمان عيد جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اسان جي دعا آهي ته انسانيت جنگين ۽ قدرتي آفتن کان محفوظ رهي ۽ هن دنيا ۾ امن قائم ٿئي.
هن چيو ته عيد خوشين جو تهوار آهي ۽ اسان کي خوشي جي هن موقعي تي پنهنجي معاشري جي حقدارن ۽ محروم طبقن سميت غزا جي پريشان ڀائرن ۽ ڀينرن کي دعا ۾ ياد رکڻ گهرجي ۽ انهن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ فلسطين جو مفلر ۽ جهنڊو پائي عيد جي نماز ۽ ٻين تقريبن ۾ شرڪت ڪرڻ گهرجي.
سندس چوڻ هو ته الخدمت فائونڊيشن سرندي وارن جي سهڪار سان پنهنجي جدوجهد جاري رکندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.