آسٽريليا آءِ پي ايل ۾ پنهنجي ڪرڪيٽرن جي فٽنس مسئلن ۽ آئوٽ آف فارم هئڻ سبب پريشان

ڪينبرا ( ويب ڊيسڪ ) ڪرڪيٽ آسٽريليا آءِ پي ايل ۾ پنهنجي ڪرڪيٽرن جي فٽنس مسئلن ۽ آئوٽ آف فارم هجڻ سبب پريشان آهي.
ڪرڪيٽ آسٽريليا طرفان ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ ڪپتان نامزد ڪيل آل رائونڊر مچل مارش آءِ پي ايل ۾ هيمسٽرنگ انجري جو شڪار ٿي ويو آهي.
ميڊيا رپورٽ موجب، ڪرڪيٽ آسٽريليا مچل مارش جي انجري سبب پريشان آهي، سندس اسڪين ڪرايو ويو آهي، هڪ هفتي ۾ انجري جي نوعيت سامهون ايندي.
ڪرڪيٽ آسٽريليا جو طبي عملو مچل مارش سان رابطي ۾ آي، مچل مارش کي عالمي ڪپ کان اڳ آرام لاءِ آءِ پي ايل تان هٿ کڻڻ بابت فيصلو ناهي ٿيو.
آءِ پي ايل دوران گلين ميڪسويل ۽ ڪيمرون گرين هنيئر تائين متاثر ڪندڙ ڪارڪردگي جو مظاهرو ناهن ڪري سگهيا، ڪيمرون گرين جي آئوٽ آف فارم هجڻ سبب ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ ۾ سندس شموليت مشڪل ۾ بڻجي وئي آهي.
مچل اسٽارڪ به شروعاتي ميچن ۾ مهانگو ترين بالر ثابت ٿيو جڏهن تي پئٽ ڪمنز پنهنجي سٺي ڪارڪردگي جي تسلسل کي برقرار رکيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.