گھڻن ڇوڪرن سان جگري دوستي آهي: نازش جهانگير

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) اداڪارا نازش جهانگير چيو ته ڪيترن ئي ڇوڪرن سان سندس سٺي دوستي آهي، اهي کيس ڇوڪري جي طور تي ناهن ڏسندا.

تازو انٽرويو ۾ نازش جهانگير ڪجهه معاملن تي کليل ڳالهه ٻولهه ڪئي، اداڪارا ڳالهائيندي انڪشاف ڪيو ته انڊسٽري جا ڪيترائي سينير اداڪار جونيئرز کان سڙندا آهن.

هڪ سوال جي جواب ۾ اداڪارا چيو ته ڇوڪرا سندس پٺيان پوندا آهن، هن وقت به ڪو نه ڪو سندس پٺيان لڳل هوندو، کيس ڄاڻ ناهي. شوٽنگ سيٽ تي به مرد اداڪار ساٿي عورت اداڪارائن جي پٺيان پوندا رهندا آهن، اهڙو مسئلو موجود آهي.

هن چيو ته هوءَ انهن سان اهڙو تعلق رکندي آهي جو ڪير اهڙي ڪا اميد ناهي رکندو. هن جي ڇوڪرن سان جگري دوستي آهي ۽ هوءَ ڇوڪرن سان ڇوڪرن وانگر ملندي آهي، اهڙو تعلق رکندي آهي جو ڇوڪرا پري پري تائين ڪا به اميد ناهن رکندا.

شادي بابت سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جڏهن کيس سٺو ساٿي ملندو ته هوءَ شادي به ڪري ڇڏيندي فلحال اهڙو ڪو ارادو ناهي.

اداڪارا اعتراف ڪيو ته اڃا تائين ٻاهرين ملڪن مان ڪو رشتو ناهي آيو جيئن آمريڪا، دبئي يا لندن مان رشتو ايندو ته هوءَ ضرور سوچيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.