ڪي ايل راهول کي سست بيٽنگ تي ” ڊفينس منسٽر “ جو خطاب ملي ويو

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) لکنئو سپر جائنٽس جي ڪپتان لوڪيش راهول ( ڪي ايل راهول ) کي سُست بيٽنگ تي ” ڊيفنس منسٽر “ جو خطاب ملي ويو.
جيتوڻيڪ سندس قيادت ۾ لکنئو سپر جائنٽس گجرات ٽائٽنز کي 33 رنسن تان شڪست ڏني، ميچ ۾ ڪي ايل راهول 104 ڏهائي 45 جي اسٽرائيڪ ريٽ سان 31 بالن تي 33 رنسون ٺاهيون، هلندڙ سيزن ۾ هو هنيئر تائين 128.57 جي اسٽرائيڪ ريٽ سان 126 رنسون ٺاهي چڪو آهي.
گجرات خلاف ڪاميابيءَ کانپوءِ لکنئو طرفان پوسٽ وڊيو ۾ ٽاپ فين شوڀم گور لوڪيش کي ڊيفنس منسٽر قرار ڏنو، جنهن تي لوڪيش راهول لکيو ته ” هاڻي تون به اسٽرائيڪ ريٽ تي مذاق اُڏائيندي“ .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.