ڪراچي: اڳوڻي زال تي بدڪاري جو الزام ۽ ڌيءُ جي ولديت کان انڪار ڪندڙ شخص کي ڪوڙن جي سزا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي سيشن عدالت هڪ شخص کي پنهنجي ڌيءَ جو پيءُ تسليم ڪرڻ کان انڪار ۽ اڳوڻي زال تي بدڪاري جو ڪوڙو الزام لڳائڻ تي 80 ڪوڙن جي سزا ٻڌائي ڇڏي.
ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ملير ٻارڙي جي ولديت کان انڪار ۽ زال تي زنا جو الزام ثابت نه ٿيڻ تي اڳوڻي مڙس جوابدار فريد قادر کي 80 ڪوڙا هڻڻ جي سزا ٻڌائي.
عدالتي فيصلي موجب شاهدين مان ثابت ٿيو ته جوابدار درخواستگذار تي ڪوڙا ۽ بي بنياد الزام هنيا، تنهن ڪري 80 ڪوڙن جي سزا ٻڌائي وڃي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.