ڪرن جوهر اداڪارا ثروت گيلاني کي سڃاتو ئي نه!

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ ڀارت ۾ مشهور اداڪارا ثروت گيلاني انڪشاف ڪيو ته ڪجهه سال اڳ جڏهن سندس ملاقات بالي ووڊ جي هدايتڪار ڪرن جوهر سان ٿي ته ڪرن جوهر پڇيو توهان ڪٿان کان آهيو؟

اداڪارا خانگي ٽي وي شو ۾ مڙس سان گڏ شرڪت ڪئي جنهن جي وڊيو وائرل ٿي وئي آهي. پروگرام ۾ ميزبان ثروت گيلاني کان سندس ڪرن جوهر سان ملاقات جي تجربي بابت پڇيو جنهن تي هن سموري ڪهاڻي ٻڌائي ڇڏي.

اداڪارا چيو ته هوءَ شروع کان ئي ڪرن جوهر جي وڏي مداح رهي آهي، کيس انسٽاگرام تي فالو به ڪندي آهي، هوءَ سندس اهڙي مداح آهي جهڙا هن جا مداح هوندا آهن.

اداڪارا ٻڌايو ته مڙس سان گڏ روم گهمڻ وئي اتي اوچتو ڪرن جوهر کي ڏسي ٻئي زال مڙس ڇرڪي ويا ۽ کين يقين نه آيو.

ثروت گيلاني جي وائرل وڊيو تي ڪجه مداحن کيس تنقيد جو نشانو بڻايو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.