ايف بي آر جو ٽيڪس چورن جون سمون بلاڪ ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايف بي آر ٽيڪس چورن جون 5 لک سمون بلاڪ ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي جي مشاورت سان 4 لک انڊر فائلرز جي سڃاڻپ جون تياريون ڪيون ويون آهن، جن قابل ٽيڪس آمدني هجڻ باوجود پنهنجا ريٽرن فائل نه ڪيا.
اعليٰ سرڪاري ذريعن اها دعويٰ به ڪئي آهي ته ايف بي آر عيدالفطر کانپوءِ انڪم ٽيڪس جنرل آرڊر جاري ڪندو.
ايف بي آر اهڙن ماڻهن کي نوٽيس به موڪليا هئا پر انهن طرفان به ريٽرن جمع نه ڪرايا ويا.
ذريعن ٻڌايو ته هڪ لک نان فائلرز جي سڃاڻپ ايف بي آر جي براڊننگ ٽو ٽيڪس بيس ۾ ڪئي وئي آهي ۽ انهن جي سمن کي به بلاڪ ڪيو ويندو.
ذريعن دعويٰ ڪئي ته پهرئين مرحلي ۾ 5 لک سمون بلاڪ ڪيون وينديون، ان حوالي سان ايف بي آر، پي ٽي اي ۽ ٽيلي ڪام آپريٽرز وچ ۾ تفصيلي ڳالهه ٻولهه کانپوءِ ان فيصلي کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي.
ايف بي آر 20 لک امڪاني ٽيڪس چورن جي نشاندهي ڪئي پر موبائل ڪمپنين درخواست ڪئي ته اهي ايڏي وڏي انگ ۾ سمون بلاڪ نه ٿيون ڪري سگهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.