عيد تي گرمي ۽ پوءِ برسات، موسميات کاتي جي اهم اڳڪٿي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي سنڌ جي مختلف حصن ۾ 11 اپريل تائين موسم گرم رهڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
موسميات کاتي موجب سنڌ جي مٿين علائقن ۾ ڏينهن جو گرمي پد 40 کان 42 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو، جڏهن ته هيٺين علائقن ۾ گرمي پد 37 کان 39 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ عيد جي موڪلن دوران موسم گرم رهڻ جو امڪان آهي، سينٽي گريڊ 34 کان 36 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو، جڏهن ته اولهه ۽ ڏکڻ اولهه کان سامونڊي هوائون گهلڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب 13 ۽ 14 اپريل تي ڪراچي ۾ آنڌاري ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.