اي آءِ هاڻي ڪچري جي خاتمي لاءِ تيار

آرٽيفيشل انٽيليجنس (اي آءِ) ٽيڪنالوجي جو استعمال مختلف شعبن ۾ ٿي رهيو آهي ۽ ان سان مختلف ملازمتون لاءِ خطرو وڌي رهيو آهي.

پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽس موجب هاڻي اي آءِ ٽيڪنالوجي کي ڪچري ختم ڪرڻ ۽ خوراڪ کي ضايع ڪرڻ جي روڪ ٿام لاءِ به استعمال ڪيو پيو وڃي.

آمريڪا جي هوٽلن ۽ گروسري اسٽورز ۾ اي آءِ ٽيڪانالوجي کي استعمال ڪري خوراڪ کي ضايع ٿيڻ کان بچايو پيو وڃي. خوراڪ جو ضايع ٿيڻ عالمي سطح تي وڏو مسئلو آهي ۽ رڳو آمريڪا ۾ 30 کان 40 سيڪڙو کاڌو ضايع ٿيندو آهي.

پرڏيهي رپورٽ موجب خوراڪ کي ضايع ڪرڻ کان بچائڻ لاءِ ۽ ٻئي ڪچري کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪمپنين پاران اي آءِ ٽيڪنالوجي کي تربيت ڏني ٿي وڃي.

اي آءِ ٽيڪنالوجي کي استعمال ڪرڻ سان ڄاڻ ملندي ته هوٽلن ۽ ٻين هنڌن تي ڪهڙو کاڌو سڀ کان وڌيڪ ضايع ٿيندو آهي. ان لاءِ هڪ ڪمپني هوٽلن ۾ ڪچري جي دٻن جي مٿان ڪيمرا هڻي ڇڏي آهي جنهن جي مانيٽرنگ کان پوءِ اي آءِ ٽيڪنالوجي پاران ٻڌايو ويندو ته ڪهڙي خوراڪ ڪيتري مقدار ۾ ڪچري ۾ وڃي ٿي.

ان ڊيٽا سان هوٽلن جي مالڪن کي ڄاڻ ملندي ۽ هو فيصلو ڪندا ته ان غذا کي ڪيترو خريد ڪرڻ گهرجي ته جيئن ضايع نه ٿئي. ماهرن موجب ڊيٽا کي ڏسي هوٽلن مان اهڙي خوراڪ کي تيار ڪرڻ بند ڪيو ويندو آهي ۽ مينيو مان نيڪال ڪيو ويندو آهي جيڪو وڌيڪ ضايع ٿيندو آهي.

هاڻي ان طريقي سان مختلف هوٽلن کي خريداري جي خرچ ۾ 8 سيڪڙو تائين بچت ٿي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.