ڌاڙيلن جي ساٿاري قبلو درست ڪن، سخت ڪارروائي ٿيندي: ضياءُ الحسن لنجار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو آهي ته اسٽريٽ ڪرائمز جي روڪٿام ۾ گهڻي ڪاميابي ملي آهي، رينجرز سدائين پوليس جي سپورٽ ۾ هوندي آهي، رينجرز کي اختيار جنگي حالتن ۾ ڏنا ويندا آهن.
پنهنجي بيان ۾ ضياءُ الحسن لنجار چيو ته وارداتن دوران انساني جانيون ضايع ٿيڻ تي افسوس آهي، ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائمز تي ضابطو آڻيون، پوليس ۽ رينجرز مان اميد آهي ته اهي صورتحال کي ڪنٽرول ڪندا.
هن چيو ته پوليس ڪجهه ڏينهن ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري آهي، ڪيترن ئي هنڌن تي ڇاپن ۾ ڪاميابي ملي آهي، ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرمنلز کي به گرفتار ڪيو ويو آهي.
سندس چوڻ هو ته ڪچي جي ڌاڙيلن حڪومتي رٽ کي چئلينج ڪيو آهي، اهي سرينڊر ڪن نه ته سخت ڪارروائي ٿيندي، ڪچي جي ڌاڙيلن جي حمايت ڪندڙن کي وارننگ ٿا ڏيون ته قبلو درست ڪن.
ضياءُ الحسن لنجار چيو ته ڪچي جي نوجوانن کي نوڪريون ڏينداسين، مستقل ٿاڻا ۽ چوڪيون به ٺاهينداسين، پوليس ۽ پيرا ملٽري فورسز جي چرپر لاءِ روڊ به ٺاهينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.