ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عيد ويجهو ايندي ئي ڪراچي سميت مختلف شهرن ۾ ڪڪڙ جي گوشت جو اگهه آسمان تي پهچي ويو.
عيدالفطر ويجهو ايندي ئي منافعي خور سرگرم ٿي ويا ۽ ڪڪڙ جي گوشت جو اگهه وڌائي ڇڏيو، جنهن سبب عام ماڻهو لاءِ گوشت کائڻ ڏکيو ٿي ويو.
ڪراچي جي ڪمشنر طرفان جاري ڪيل لسٽ موجب جيئرو ڪڪڙ 428، جڏهن ته گوشت جي قيمت 666 رپيا في ڪلو آهي پر شهر ۾ ڪٿي به ان اگهه تي عمل نه پيو ٿئي.
شهر ۾ دڪانن تي ڪڪڙ جو گوشت 760 کان 800 رپيا في ڪلو تائين ملي رهيو آهي.
You might also like