جي ميل ۾ هڪ بهترين فيچر جي واڌ

جي ميل جي اينڊرائڊ واهپيدارن لاءِ آرٽي فيشل انٽيلجنس (اي آءِ) تي ٻڌل هڪ دلچسپ فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو پيو وڃي.

پرڏيهي رپورٽس موجب هاڻي ڊگهيون اي ميل پڙهڻ جي ضرورت ناهي ۽ ڪنهن به ايميل کي پڙهڻ کان اڳ ان جو خلاصو پڙهي سگهجي ٿو.

اهو فيچر اي آءِ ٽيڪنالوجي کي استعمال ڪري ڊگهين اي ميلز جا اهم نڪتا تيار ڪري ڏيندو. رپورٽ موجب ان فيچر جو مقصد مصروف ماڻهن کي سهولت فراهم ڪرڻ آهي جن لاءِ سمارٽ فون ۾ مسلسل ڊگهيون اي ميل پڙهڻ ڏکيو هوندو آهي. هن نئين فيچر سان هنگامي حالت ۾ اهم نڪتا پڙهي هو جواب موڪلي سگهندا.

ان فيچر لاءِ جي ميل ايپ ۾ هڪ نئين بٽڻ جي واڌ ٿي رهي آهي جنهن کي دٻائي Summarize this email ڪري سگهبو ۽ مختصر وقت ۾ ايميل بابت مڪمل ڄاڻ ملي ويندي.

ان فيچر تي اڃا تجربا جاري آهن جلد واهيپدارن لاءِ متعارف ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.