ڪراچي ۾ 5 ورهين جي ٻار گهر ۾ ڦر جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ 5 ورهين جي ٻار گهر ۾ ڦر جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي.
ڪراچي جي علائقي گلشن معمار ۾ ٽي هٿياربند ڦر جي نيت سان گهر ۾ داخل ٿيا ۽ حسنين ۽ سندس ماءُ کي رسي سان ٻڌي ڇڏيو.
ڦورو گهر ۾ ڦرلٽ ۾ مصروف هئا ته ٻار پنهنجون رسيون کولي ڇڏيون ۽ پوءِ ماءُ جي هٿ تي ٻڌل رسيون به کولي ڇڏيون.
پوءِ عورت 15 تي پوليس کي ڪال ڪئي ۽ پوليس پارٽي به موقعي تي پهچي وئي ته ڦورن فائرنگ ڪري ڏني، جوابي ڪارروائي ۾ هڪ ڦورو مارجي ويو، جڏهن ته ٻه زخمي ٿي پيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.