9 ۽ 10 مئي سانحي جا 20 جوابدار سزا پوري ڪرڻ کان اڳ ئي آزاد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) فوج جي حراست هيٺ 9 ۽ 10 مئي سانحي جي 20 جوابدارن کي آزاد ڪيو ويو.
اٽارني جنرل سپريم ڪورٽ کي لکت طور آگاهه ڪندي چيو ته 9 ۽ 10 مئي سانحي جي 20 جوابدارن کي آزاد ڪيو ويو آهي.
سپريم ڪورٽ کي ڏنل رپورٽ موجب راولپنڊي جي 8 ڄڻن کي پورهئي سان گڏ هڪ سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي هئي، لاهور جي 3، گوجرانوالا جي 5 جوابدارن کي به پورهئي سان گڏ هڪ سال قيد جي سزا ڏني وئي هئي.
آزاد ٿيندڙ ۾ دير جا 3 ۽ مردان جو هڪ جوابدار به شامل آهي، سڀني جوابدارن کي 6 ۽ 7 اپريل تي آزاد ڪيو ويو.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪنهن به جوابدار سزا مڪمل نه ڪئي پر آرمي چيف عيد کان اڳ سزا ۾ رعايت ڏني.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.