نيوزيلينڊ جا اهم رانديگرن پاڪستان اچڻ بدران آءِ پي ايل ڇو کيڏي رهيا آهن؟

ڪجهه ڏينهن اڳ نيوزيلينڊ پاڪستان خلاف 18 اپريل کان شروع ٿيندڙ ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ پنهنجي جنهن اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ان ۾ ڪيئي اهم رانديگرن جا نالا گم هئا ڇو ته هو انڊيا ۾ جاري آءِ پي ايل سبب هن سيريز ۾ حصو نه وٺي سگهندا.
ٽرينٽ بولٽ، ڊيون ڪانوي، لوڪي فرگوسن، مئٽ هنري، ڊيرل مچل، گلين فلپس، راچن رويندرا، مچل سينٽنر ۽ ڪين وليمسن سميت نيوزيلينڊ جا ڪيئي وڏا اسٽار ڪرڪيٽر آءِ پي ايل کيڏڻ لاءِ ڀارت ۾ موجود آهن ۽ اهم رانديگرن جي غير موجودگي سبب آل رائونڊر مائيڪل بريسويل پهريون ڀيرو ڪيوي ٽيم جي قيادت ڪندي نظر ايندو.
پاڪستان لاءِ چونڊيل ڪيوي اسڪواڊ ۾ نئين ٽيلينٽ جي موقعو ڏنو ويو آهي، جنهن کي پاڪستاني ٽيم جا سپورٽر ” بي “ ٽيم قرار ڏئي رهيا آهن ۽ سوشل ميڊيا تي ان حوالي سان سخت ردعمل ظاهر ڪري رهيا آهن.
ڪيوي اسڪواڊ تي اڳوڻي فاسٽ بالر جنيد خان به مايوسيءَ جو اظهار ڪندي چيو افسوس ٿئي ٿو ته جنهن ٽيم رانديگرن کي عزت ۽ سڃاڻپ ڏني اڄ اُهي رانديگر ٽيم بدران ليگ ڪرڪيٽ کي ترجيح ڏئي رهيا آهن.
ڪيئي تجزئي نگار سوال اُٿاري رهيا آهن ته جيڪڏهن ڪو رانديگر نيشنل ڊيوٽي ڇڏي ليگ کيڏي رهيو آهي ته ڇا پليئر پاور ايتري اهميت اختيار ڪري چڪي آهي جو بورڊ به کين ٽيم ۾ شامل ڪرڻ تي مجبور نٿو ڪري سگهي؟
ڪرڪيٽ اڪسپرٽ موجب، هر ملڪ جو ڪرڪيٽ بورڊ پنهنجي رانديگرن لاءِ آءِ پي ايل مان ملندڙ ڳرن معاوضن ۽ تجربي جي اهميت کي سمجهي چڪو آهي، جنهن جو هڪ وڏو سبب شايد اِهو به آهي ته ڀارتي ٽيم جا دورا انهن ملڪن لاءِ هڪ وڏو ريونيو به آڻيندا آهن.
ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ ناهي ڪو به بورڊ ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ( بي سي سي آءِ ) کي ناراض ڪرڻ جي جرئت نٿو ڪري سگهي، پر هتي ڳالهه پليئر پاورز ۽ بورڊ جي پليئرن سان ڪانٽريڪٽ جي ناهي پر بورڊ ٽو بورڊ معاهدي جي آهي.
آءِ پي ايل ۾ شريڪ رانديگرن جي بورڊن جي بي سي سي آءِ سان ڪميٽمنٽ هوندي آهي ته هو آءِ پي ايل دوران پنهنجي رانديگرن کي ڪنهن به انٽرنيشنل سيريز لاءِ واپس نه گهرائيندا.
ان جو هڪ مثال آسٽريليا جي ٽيم آهي جنهن جا مين رانديگر آءِ پي ايل کيڏي رهيا ۽ بي ٽيم ون ڊي سيريز کيڏڻ لاءِ پاڪستان آئي هئي، ان کانسواءِ سال 2023ع ۾ به آءِ پي ايل دوران نيوزيلينڊ جا اهم رانديگر پاڪستان نه آيا هئا.
تجزئي نگارن جو چوڻ آهي ته دنيا جي مختلف ڪرڪيٽ بورڊز کي ڀارت خلاف کيڏي جيڪو مالي فائدو ٿئي ٿو اِهو پاڪستان خلاف کيڏڻ سان ته نه ٿيندو، پاڪستان سان کيڏيل سيريز، ڀارت سان کيڏيل هڪ سيريز جو ڏهه سيڪڙو به ريونيو ناهي ڏيندي ۽ نيٺ پئسو بنيادي ۽ اهم عنصر آهي انڪري دنيا جو هر بورڊ بي سي سي آءِ جو ڳيجهو آهي.
مشهور ڪرڪيٽ اڪسپرٽ سميع چوڌريءَ موجب، آءِ پي ايل مان نيوزيلينڊ کي ڪجهه ناهي ملي رهيو پر هو ڄاڻن ٿا ته جيڪڏهن اڄ ڪين وليمسن، ٽرينٽ بولڊ ۽ ٽيم سائوٿي کي آءِ پي ايل ڇڏي واپس گهرايو ويو ته سڀاڻي سندن ڀارت سان سيريز تي سواليا نشان اچي ويندو ۽ ائين ڪرڻ سان مالي نقصان جو خدشو پڻ وڌي ويندو.
پاڪستان جي حوالي سان معاملي کي پرکيو وڃي ته هتي صورتحال گذريل سال جي ون ڊي ورلڊ ڪپ جهڙي ئي آهي جتي پاڪستان ايشيا ڪپ ۽ ورلڊ ڪپ کان اڳ ” بي “ ٽيمن سان ميچون کيڏيون ۽ آخر ۾ جڏهن ” اي “ ٽيمن سان مقابلا ٿيا ته ٽيم دنيا آڏو وائکي ٿي وئي.
پر اِهو سٺو نه ٿيندو ته نيوزيلينڊ جيان ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ کي نظر ۾ رکندي پاڪستان به سينيئر رانديگرن کي سيريز ۾ آرام ڏئي جونيئرن کي موقعو ڏئي؟
سميع چوڌري جو خيال آهي ته بنا ڪنهن شڪ جي نيوزيلينڊ ” بي “ ٽيم موڪلي آهي پر سندن سيڪنڊ چوائس ڇوڪرا به بهترين هوندا آهن.
هن پاڪستان خلاف نيوزيلينڊ خلاف ويجهڙائي ۾ ٽي ٽوئنٽي سيريز جو مثال ڏنو جنهن ۾ شروعاتي ٽن ميچن ۾ نيوزيلينڊ جي ڪين وليمسن جهڙا وڏا رانديگر شامل نه هئا ۽ ڪيوي بورڊ نون رانديگرن کي موقعو ڏنو جن جنهن پاڪستان کي 4-1 تان شڪست ڏني هئي.
سميع چوڌري جو خيال آهي ته رڳو اسٽيٽس پينڊنگ مقصد نه هئڻ گهرجي، بابر اعظم کي اِهو نه سوچڻ گهرجي ته ڇو ته مان ٻيهر ڪپتان بڻيو آهي ته انڪري نيوزيلينڊ خلاف سيريز 0-5 تان کٽڻي آهي ته جيئن ٽي وي کان سوشل ميڊيا تائين هنڌ منهنجي واهه واهه ٿئي ۽ ظاهر آهي جيڪڏهن سندس سوچ ئي واهه واهه ڪرائڻ جي هوندي ته هو پنهنجا اي لسٽڊ پليئر ئي کيڏائيندو.
هن چيو ته جيڪڏهن پي سي بي هن سيريز مان ڪجهه حاصل ڪرڻ چاهي ٿو ته نون ڇوڪرن کي موقعو ڏنو وڃي، ڪپتان بابر ئي هجي پر هڪ نئين ٽيم تيار ڪيو جنهن ۾ ٽي چار سينيئر ۽ باقي اٺ نون رانديگرن کي کيڏايو ته جيئن هو عالمي ڪرڪيٽ جو تجربو حاصل ڪري سگهن ان ليول تي ڪرڪيٽ ڪيئن کيڏڻي آهي ۽ دٻاءُ کي ڪيئن برداشت ڪرڻو آهي.
هن چيو ته ممڪن آهي ائين ڪرڻ سان پي سي بي نئون ٽيلينٽ ملي وڃي جيڪو اڳتي هلي عالمي ڪپ ۾ ڪم اچي.
پر هن اِهو به چيو ته هتي چيئرمين کان ويندي ڪپتان تائين سڀ اِهو چاهين ٿا ته سندن پنهنجي، پنهنجي ميڊيا لابيز سندن ڳُڻ ڳائيندي رهي ۽ انهن کي ڪو به فرق نٿو پوي ته اي ٽيم اچي رهي آهي يا بي ٽيم سندن مقصد صرف ۽ صرف پنج ٻُڙي سان سيريز کٽڻي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.