ڪنگنا رناوت ڳئون جو گوشت کائي وئي؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي تڪراري راڻي ڪنگنا رناوت بابت اهي ڳالهيون هلي رهيون آهن ته هن ڳئون جو گوشت واپرايو آهي جنهن تي ڪنگنا خلاف نفرت واري مهم شروع ٿي وئي.

معاملو ايترو اڀري آيو جو ڪنگنا رناوت کي وضاحت ڏيڻي پئجي وئي.

ڪنگنا خبرن کي رد ڪيو ۽ انسٽاگرام تي چيو ته هن ڳئون جو گوشت يا ٻي ڪا اهڙي گوشت واري سئي ناهي کاڌي.

هن افسوس جو اظهار ڪيو ته ڪوڙن افواهه پکيڙڻ شرمناڪ آهي، مان ڏهاڪن کان يوگا ۽ آيورويدڪ لائيف اسٽائل تي عمل ڪري رهي آهيان، منهنجي مداحن کي خبر آهي ته مون کي هندو هجڻ تي فخر آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.