دنيا جي وڏي ”بدنصيب“ شخص جي لائيو شو ۾ فون ڪال

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) هڪ شهري لائيو شو ۾ فون ڪال ڪري پنهنجو اهڙو مسئلو ٻڌايو جو ميزبان به جذباتي ٿي ويا ۽ روئي رهيا هئا.

هڪ شخص فون ڪري چيو ته زال ۽ ماءُ ۾ گهر ۾ جهيڙا ٿيندا هئا جنهن جي ڪري مان زال جو چوڻ ڪيو ۽ ماءُ کي گهران ڪڍي اولڊ هوم موڪلي ڇڏيو.

شو جو ميزبان مولانا آزاد هو جنهن سوال ڪيو ته هاڻي اوهان جي ماءُ ڪٿي آهي؟ شهري چيو ته ماءُ لاڏاڻو ڪري وئي.

منهنجو وس نٿو هلي ته مان پنهنجو پاڻ کي ماري ڇڏيا، مون کي ننڊ ناهي ايندي، نه ڪو ڪم ڪري سگهان ٿو، هاڻي سمجهه ۾ نٿو اچي ته ماءُ کان  معافي ڪيئن گهران، مان هاڻي زال سان ناهيان ڳالهائيندو ۽ ٻارن سان به پيار ناهيان ڪندو.

ان موقعي تي ميزبان ۽ مولانا به جذباتي ٿي ويو جنهن چيو ته جنهن ماءُ توکي 9 مهينا پيٽ ۾ رکيو، توکي کارائي پاڻ بکي رهي، ٻين جي گهرن ۾ وڃي ٿانو ڌوتا، پاڻ بيمار ٿي، شگر، بلڊ پريشر، ڪينسر ۾ وڪوڙجي وئي پر تنهنجو خيال رکيائين تون ان کي اولڊ هوم ۾ مرڻ لاءِ ڇڏي آئين؟ جنهن جي پيرن ۾ جنت آهي تون ان جو قاتل آهين، تون خوني آهين. معاشري ۾ قيامت اچي چڪي آهي.

هاڻي وڃي پنهنجي ماءُ جي قبر تي روئيندي معافيون گهرندو ڪر.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.