ڪينيڊين بئنڪ جي اعليٰ عهديدار پنهنجي ماتحت محبوب کي نوازڻ تي برطرف

ڪينيڊا جي تاريخ جي پهرين عورت چيف فنانسر آفيسر کي بئنڪ اداري جي ملازم سان عاشقي ظاهر نه ڪرڻ تي نوڪري تان فارغ ڪيو ويو.
2021 ۾ ڪينيڊا جي سڀ کان وڏي بئنڪ رائل بئنڪ آف ڪينيڊا مين طور چيف فنانسر آفيسر لڳندڙ نادين آهن کي بئنڪ طرفان ان ڳالهه تي نوڪري تان فارغ ڪيو ويو آهي ته هن ملازم سان نجي لاڳاپن کي ظاهر نه ڪيو هو، جڏهن ته نادين آهن تي ان ملازم کي پروموشن ڏيڻ ۽ سيلري وڌائڻ جو الزام لاڳو ڪيو پيو وڃي، جنهن سان سندس نجي لاڳاپا آهن.
ان ئي بنياد تي اداري طرفان ڪئي ويندڙ جاچ کانپوءِ بئنڪ نادين آهن ۽ ان جي معشق کي نوڪري تان فارغ ڪري ڇڏيو.
بئنڪ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته آهن خلاف الزامن تي آگاهه هئاسين، جنهن کانپوءِ ان خلاف جاچ جي شروعات ڪئي وئي، جنهن ۾ اها ڳالهه ثابت ٿي ته هن بئنڪ جي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽس جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، جڏهن ته ملازم سان نجي لاڳاپا ظاهر نه ڪري پاليسي جي ڀڃڪڙي ڪئي، ملازم کي غير معمولي طور پروموشن ڏيڻ تي به سندس خلاف جاچ ڪئي وئي پر جاچ دوران عورت آفيسر خلاف فنانشل مس ڪنڊڪٽ جي رپورٽ سامهون نه آئي آهي.
50 ورهين جي آهن رائل بئنڪ آف ڪينيڊا ۾ هيڊ آف هول سيل فنانس انويسٽر رليشنز طور ذميواريون نڀائي چڪي آهي، جڏهن ته بئنڪ طرفان سندس متبادل طور ڪيٿرين گبسن کي عارضي چيف فنانشنل آفيسر مقرر ڪيو ويو آهي، جيڪا بئنڪ ۾ سينيئر وائس صدر، فنانس اينڊ ڪنٽرولر جون ذميواريون نڀائي چڪي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.