رابي پيرزادا عورتن کي مکين سان ڀيٽن تي متفق

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) دين اسلام جي لاءِ شوبز جي دنيا کان عليحدگي اختيارڪندڙ رابي پيرزادا عدنان صديقي جي عورتن کي مکين سان ڀيٽ ڏيڻ جي بيان سان متفق ٿيندي چيو آهي ته مرد به اهڙيءَ ريت مکيون ۽ مڇر هوندا آهن.

رابي پيرزادا پنهنجي اسٽاگرام اڪائونٽ تي مختصر وڊيو شيئر ڪندي چيو آهي ڪجهه عورتون اهڙيون آهن جنهن سبب سڀين عورتن کي خراب سمجهيو ويندو آهي.

رابي پيرزادا مثال ڏيندي چيو آهي ته شوبز ۾ جڏهن علي ظفر ۽ عاطف اسلم سان ڪنسرٽ ڪندي هئي ته ڇوڪريون اچي گلوڪارن سان چمبڙنديون هيون. اهي پنهنجا ڪپڙا به ڦاڙي ڇڏينديون هيون ۽ اهڙين هنڌن تي آٽوگراف وٺنديون هيون جو ماڻهو ڇرڪي پئي.

هن وڌيڪ چيو ته عدنان صديقي کي اهڙا لفظ نه چوڻ گهرجن ۽ کيس معافي وٺڻ گهرجي پر ڪجهه حقيقتن کي به ڏسڻ گهرجي. هن چيو ته اداڪارن ۽ فنڪارن جا موبائيل فون کڻي ڏسو ته ميسيجز سان ڀريل هوندا آهن ۽ اهي ميسيج اداڪارن جون زالون ۽ ڌيئر به ضرور پڙهنديون هونديون.

هن چيو ته اداڪارن ۽ ڳائڻن کي نه رڳو غير شادي شده پر شادي شده ايتري قدر جو پنجن ٻارن جون مائرون به نياپا موڪلينديون آهن ۽ انهن سان محبت جو اظهار ڪنديون آهن.

رابي پيرزادا جو چوڻ آهي ته ڪجهه عورتن پاڻ کي سستو ڪيو آهي، انهن پنهنجي عزت پاڻ خراب ڪئي آهي، کين ايئن نه ڪرڻ کپي، عورت جو مطلب ئي لڪيل ۽ عزت جوخيال ڪرڻ هجڻ گهرجي. هن چيو ته عدنان سٺو ماڻهو آهي، ضرور هن جو عورتن سان تجربو سٺو نه رهيو هوندو، ان لاءِ هن اهڙي ڳالهه ڪئي.

رابي پيرزدا چيو ته هن ماضي ۾ عدنان صديقي سان ڊرامي ۾ ڪم ڪيو آهي، هو ڏاڍو سٺو ماڻهو آهي ۽ هن کيس گھڻي عزت ڏني آهي.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن ۾ عدنان صديقي ندا ياسر جي مشهور شو ۾ شرڪت ڪئي ۽ اتي عورتن بابت ڳالهائيندي عورتن کي مکين سان ڀيٽ ڏني آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.