چنڊ رات تي علي ظفر جو سرائيڪي ٻولي ۾ گانو ريليز ٿيندو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) عالمي شهرت يافتا پاڪستاني ڳائڻو علي ظفر پنهنجي پهرين ”سرائيڪي“ گاني جي پهرين جهلڪي جاري ڪندي ريليز جي تاريخ جو اعلان ڪيو آهي.

علي ظفر پنهنجي فوٽو اينڊ وڊيو شيرنگ ايپ انسٽاگرام تي پنهنجي پهريو سرائيڪي گاني ”بالو بتيان“ جي مختصر وڊيو ڪلپ پوسٽ ڪئي، ان گاني ۾ هن سرائيڪي ثقافت کي ڏيکاريو آهي جڏهن ته پوسٽ ڏسي ايئن لڳي ٿو ته علي ظفر سان گڏ مشهور پاڪستاني موسيقار عطا الله خان عيسيٰ خيلوي به گڏ آهي.

علي ظفر پنهنجي پوسٽ ۾ عطاالله کي خراج تحسين پيش ڪندي لکيو ته هن ستن ٻولين ۾ 50 هزار کان وڌيڪ گانا رڪارڊ ڪيا ۽ سڀ کان گھڻا آڊيو البمز ريليز ڪرڻ جو گنيز ورلڊ رڪارڊ  پنهنجي نالي ڪيو آهي، اهو رڪارڊ 1994 ۾ قائم ڪيو هو.

آخر ۾ علي ظفر مداحن لاءِ عيدالفطر جي سوکڙي جو اعلان ڪندي چيو آهي ته سندس پهريون سرائيڪي گانو ”بالو بتان“ چنڊ رات تي ريليز ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.