ڪراچي پوليس سٺي فورس آهي، اميد ته ڏوهن جو خاتمو ڪندي: مراد علي شاهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي پوليس سٺي فورس آهي ۽ اميد ته بهترين ڪم ڪري ڏوهن جو خاتمو ڪندي.
وڏي وزير جي ترجمان موجب مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال تي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي عمران يعقوب، ڊي آءِ جي مقدس حيدر ۽ ٻيا آفيسر شريڪ ٿيا.
مراد علي شاهه ڪراچي پوليس کي هدايت ڪئي ته شهر ۾ اڄ ۽ سڀاڻي سخت سيڪيورٽي رکو ۽ نگراني وڌايو، هر لحاظ سان عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت يقيني بڻائي وڃي.
اجلاس ۾ بريفنگ ڏيندي ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي ٻڌايو ته پوليس گذريل ڏينهن بلديا ۾ ڇاپو هڻي عبدالله ۽ شاهد کي آزاد ڪرايو، پوليس اغوا ڪندڙ صابر عنايت رحمان، حيات علي ۽ وحيد الله کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو.
ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي ٻڌايو ته اغوا ڪندڙن جو گروپ ملڪ کان ٻاهر ويهي ڪراچي ۾ ڀنگ لاءِ اغوا ۾ ملوث آهي، گروپ اصل ۾ پاڪستاني آهي پر ٻيهر ويهي ڏوهه ڪندو آهي، اسان گروپ جي سڃاڻپ ڪئي آهي، جلد جوابدارن کي گرفتار ڪنداسين.
وڏي وزير پوليس کي شاباشي ڏيندي چيو ته ائين بهترين ڪم سان ڏوهه ختم ٿيندا، منهنجي طرفان پوليس جي حوصلا افزائي ڪيو، مان پاڻ به پوليس اهلڪارن سان ملاقات ڪندس.
هن چيو ته ڪراچي پوليس سٺي فورس آهي، شهر ۾ روز 166 ڪيس داخل ٿيندا آهن پر ٻين وڏن شهرن کان گهٽ آهن، اميد ته ڪراچي پوليس بهترين ڪم ڪري ڏوهن جو خاتمو ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.