شادي جي 6 مهينن کانپوءِ يوٽيوب تي ٻار ٿي ويو: حبا بخاري

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) اداڪارا حبا بخاري فيملي پلاننگ واري سوال تي ڳالهائيندي چيو ته سندس شادي جي ڇهن مهينن کانپوءِ يوٽيوب تي اولاد به ٿي ويو ۽ ٻار جون تصويرون وائرل به ٿي ويون هيون.

تازو اداڪارا حبا بخاري پنهنجي مڙس سان خانگي ٽي وي چينل جي هڪ پروگرام ۾ شرڪت ڪئي جتي هنن کان فيملي پلاننگ بابت ميزان سوال ڪيو جنهن تي حبا بخاري جي مڙس اداڪار آرز احمد چيو ته فيملي طرفان ڪو به دٻاءُ ناهي پر ماڻهن کي اسان جي اولاد جي وڏي ڳڻتي آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ عورت پڻ سوال ڪيو ته ”ڇا ٻار پيدا ٿي ويو آهي؟“ جنهن تي اداڪار جواب ڏنو ته ها، يوٽيوب تي ٿي ويو آهي باقي اصل ٻار ناهي پيدا ٿيو، يوٽيوب تي ته کوڙ ٻار پيدا ٿي ويا آهن.

اداڪارا حبا بخاري چيو ته هڪ وڊيو ۾ ته ڏيکاريو ويو ته آرز ڌوم ڌام سان ٻار جي ڇٽي جو پروگرام ڪيو آهي ۽ سالين کي هيرن جواهرن جي سوکڙي پڻ ڏني. اتي ميزبان وري زور ڀري سوال ڪيو ته فيملي پلاننگ بابت ڇا سوچيو آهي؟ جنهن تي اداڪار آرز احمد جواب ڏنو ته جڏهن خدا جي مرضي تڏهن اولاد ٿيندو, ان سان گڏ اداڪار آرز خواهش جو اظهار ڪيو ته حبا بخاري ماءُ بڻجي.

واضح رهي ته اداڪار آرز احمد سان حبا بخاري جي شادي جنوري 2022 ۾ ٿي هئي، ٻنهي جي وچ ۾ شاديءَ کان اڳ تعلق رهيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.