ڊبليو ڊبليو اي ۾ رومن رينز جي ڊگهي حڪمرانيءَ جو سج لهي ويو

مشهور ريسلر رومين رينز جي ڊبليو ڊبليو اي ۾ 13 سئو کان وڌيڪ ڏينهن تائين حڪمراني ختم ٿي وئي آهي.
رومن رينز کي هڪ ٻئي مشهور ريسلر ڪوڊي روڊز ريسل مينيا 40 جي مين ايونٽ ۾ شڪست ڏئي ڊبليو ڊبليو اي يونيورسل ٽائٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو.
رومن رينز 2020ع ۾ ڊبليو ڊبليو اي يونيورسل چيمپيئن بڻيو هو ۽ 1316 ڏينهن تائين اِهو اعزاز وٽس رهيو.
مجموعي طور تي سڀ کان ڊگهي عرصي تائين ڊبليو ڊبليو اي چيمپيئن رهندڙ ريسلرن جي فهرست ۾ رومن رينز جو چوٿون نمبر آهي.
واضح رهي ته ڪوڊي روڊز جنوري ۾ مسلسل ٻئي سال رائل رمبل مقابلو کٽي رومن رينز کي ريسل مينيا 40 ۾ چيمپيئن شپ مقابلي جو چئلينج ڪيو هو.
گذريل سال به ڪوڊي روڊز رائل رمبل مقابلو کٽي ڊبليو ڊبليو اي يونيورسل چيمپيئن رومن رينز سان مقابلي جي چونڊ ڪئي هئي پر ريسل مينيا 39 ۾ کيس ناڪامي جو منهن ڏسڻو پيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.