فردين خان جي 14 سالن بعد شوبز دنيا ۾ واپسي

ممبئي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار فردين خان آخرڪار 14 سالن بعد اداڪاري جي دنيا ۾ واپس اچي ويو آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب 2010 ۾ فلم ”دلها مل گيا“ ۾ آخري ڀيرو نظر ايندڙ اداڪار فردين خان 14 سالن کانپوءِ مداحن کي ٻيهر اداڪاري جي دنيا ۾ نظر ايندو.

فردين خان نه رڳو شوبز دنيا کان عليحدگي اختيار ڪئي هئي پر هو سماجي رابطن جي ويبسائيٽ تي به موجود نه هيو جڏهن ته هاڻي هو مشهور هدايتڪار سنجي ليلا ڀنسالي جي ايندڙ ويب سيريز ”هيرا منڊي، دي ڊائمنڊ بازار“ سان اداڪاري جي ميدان ۾ واپسي ڪري رهيو آهي.

ويب سيريز هيرا منڊي پاڪستان جي شهر لاهوري جي مخصوص علائقي ۾ ڪم ڪندڙ عورتن تي ٺاهي وئي آهي ۽ هي مهانگو ترين پراجيڪٽ آهي.

ڇنڇر تي مشهور وڊيو اسٽريمنگ ڪمپني نيٽ فلڪس هيرا منڊي جو نئون پوسٽر جاري ڪيو هو جنهن ۾ فردين خان جي پهرين جهلڪي نظر آئي. پوسٽر ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته فردين خان شاهي لباس پهري ويٺو آهي، چهري تي وڏيون مڇون ۽ مٿي تي ٽوپي پهري گديءَ تي ويٺو آهي.

ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب فردين خان هيرا منڊي ۾ ولي محمد جي ڪردار ۾ نظر ايندو.

واضح رهي ته هيرا منڊي ۾ منيشا ڪوئيرالا، سوناڪشي سنها، اديتي رائو حيدري، رچا چڍا  ۽ سنجيده شيخ به اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکارينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.