”ڪو سمجهي ٿو داد رسي قانون موجب نه ٿي ته قيامت جي ڏينهن حاضر آهيان“

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس محمد ابراهيم خان چيو آهي ڪو فريادي سمجهي ٿو ته داد رسي قانون موجب ناهي ٿي ته قيامت جي ڏينهن حاضر آهيان.
پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي اعزاز ۾ فل ڪورٽ ريفرنس ٿيو، جنهن ۾ هاءِ ڪورٽ جا جج، ايڊووڪيٽ جنرل، ايڊيشنل اٽارني جنرل، بار ڪائونسل جا ميمبر ۽ وڪيل شريڪ ٿيا.
تقريب کي خطاب ڪندي پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو ته 31 سالن جي عرصي ۾ 15 هزار فيصلا ڏنا، جن مان رڳو 509 سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ٿيا، انهن مان به 279 کي عدليا برقرار رکيو.
هن چيو ته اسان قانون موجب فيصلا ڪيا پر اسان کي سياسي جماعت سان جوڙيو ويو، پشاور هاءِ ڪورٽ آئين ۽ قانون موجب فيصلا ڪندي رهندي.
محمد ابراهيم سينيئر جسٽس اشتياق ابراهيم لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو، جيڪو پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس لاءِ نامزد آهي.
واضح رهي ته پشاور هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس محمد ابراهيم خان 14 اپريل تي رٽائر ٿي ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.