اظهر محمود کي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ۾ اهم عهدو ملڻ جو آسرو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان جو اڳوڻو آل رائونڊر اظهر محمود قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اسسٽنٽ ڪوچ لاءِ مضبوط اميدوار آهي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ وائيٽ بال( ٽي ٽوئنٽي ۽ ون ڊي ) ڪرڪيٽ لاءِ ڌار ڌار هيڊ ڪوچ رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن لاءِ اشتهار پڻ جاري ڪيو هو پر ان دوران پي سي بي جا ڪوچنگ لاءِ معاملا طئي ٿي ويا آهن.
پي سي بي طرفان، اسسٽنٽ ڪوچ لاءِ ٻه ڏينهن اڳ اشتهار جاري ڪيو ويو هو، درخواستون جمع ڪرائڻ لاءِ آخري تاريخ 20 اپريل آهي جڏهن ته هيڊ ڪوچز لاءِ درخواستون 15اپريل تائين جمع ڪرائي سگهجن ٿيون.
ذريعن موجب، اظهر محمود وائيٽ بال ۽ ريڊ بال ڪرڪيٽ جو اسسٽنٽ ڪوچ هوندو، رسمي ڪارروائي پوري ٿيڻ بعد سندس نالي جو باظابطا طور اعلان ڪيو ويندو.
اهڙي طرح هيٺ ڪوچز جو اعلان به 15 اپريل کانپوءِ ڪرڻ جو امڪان آهي.
پي سي بي جا وائيٽ بال جي هيڊ ڪوچ لاءِ گيري ڪرسٽن ۽ ريڊ بال جي هيڊ ڪوچ لاءِ جيسن گليسپي سان معاملا طئي ٿي چڪا آهن.
ياد رهي ته اظهر محمود ان کان اڳ به پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو بالنگ ڪوچ رهي چڪو آهي، هو هن وقت پي ايس ايل جي فاتح اسلام آباد يونائيٽڊ جو بالنگ ڪوچ آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.