پشاور (ويب ڊيسڪ) عدالت ٽرانسيپرنسي انٽرنيشنل پاڪستان کي 2023 جي سالياني رپورٽ ٻيهر شايع ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
پاڪستان ۾ عدليا کي ٽئين ڪرپٽ اداري طور شايع ڪرڻ جي معاملي تي ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل پاڪستان کي 2023 جي سالياني رپورٽ ٻيهر شايع ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.
پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس 19 فيبروري تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، جنهن ۾ عدالت ٽرانسيپرنسي انٽرنيشنل پاڪستان کي 2023 جي سالياني رپورٽ ٻيهر شايع ڪرڻ جو حڪم ٻڌايو آهي.
فيصلي موجب عدالت ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل کي رپورٽ ۾ غير موجود ڊيٽا شامل ڪري حقيقتن تي ٻڌل رپورٽ شايع ڪرڻ ۽ ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل کي 24 اپريل تائين پشاور هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار وٽ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي.
پشاور هاءِ ڪورٽ حڪم ڏنو ته سروي دوران رد ٿيندڙ فارم جي مجموعي انگ کي رپورٽ ۾ شايع ڪيو وڃي، ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل رپورٽ ۾ سموري عوامي راءِ جي شرح کي واضح طور شايع ڪري، پڙهندڙن لاءِ ڪو مونجهارو نه ڇڏيو وڃي.
فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل کي نيشنل ڪرپشن پرسيپشن سروي 2023 جي رپورٽ درست ڪرڻ جو قدم کڻڻ گهرجي ها، فيصلي مان اهو تاثر نه ورتو وڃي ته اظهار جي آزادي تي پابندي لڳائي وئي آهي، عدالت اثرائتي جاچ، درست ريسرچ جي حوصلا افزائي ڪندي آهي، جيڪا ادارن ۽ عوام لاءِ فائديمند هجي.
You might also like