جرمني جي سرڪاري ملازمن جو اسرائيل کي هٿيارن جي فراهمي روڪڻ جو مطالبو

برلن (ويب ڊيسڪ) جرمني جي سرڪاري ملازمن اسرائيل کي هٿيارن جي فراهمي روڪڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب جرمني جي 600 سرڪاري ملازمن چانسلر اولاف شولز ۽ ٻين سينيئر وزيرن کي خط لکي اسرائيلي حڪومت کي فوري طور هٿيارن جي فراهمي بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
واضح رهي ته اسرائيل جي هٿيارن جو 99 سيڪڙو آمريڪا ۽ جرمني مان ايندو آهي ۽ گذريل سال جرمني اسرائيل کي 354 ملين ڊالر ماليت جي هٿيارن جي برآمدن جي منظوري ڏني هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.