دبئي ۾ فون تي فراڊ ڪندڙ 494 ٺڳ گرفتار، پاڪستاني به شامل

دبئي ( ويب ڊيسڪ ) دبئي پوليس هڪ سال دوران اهڙن 494 ٺڳن کي گرفتار ڪيو جيڪي 406 موبائيل فراڊ جي ڪيسن ۾ گهربل هئا.
اهي ٺڳ بينڪنگ تفصيلن کي اپ ڊيٽ ڪرڻ بهاني ماڻهن جي اڪائونٽس تائين رسالي حاصل ڪري ٺڳي رهيا هئا، ان لاءِ هو فون ڪالز، اي ميلز، ايس ايم ايس ۽ سوشل ميڊيا جو سهارو وٺي رهيا هئا.
ڪاررواين دوران پوليس رقم، موبائيل فون، ليپ ٽاپ ۽ سم ڪارڊ هٿ ڪيا آهن.
دبئي پوليس ۾ جنرل ڊپارٽمينٽ فار ڪرمنل انويسٽيگيشن جي وقتي ڊائريڪٽر برگيڊيئر حريب الشامسي ان حوالي سان چيو آهي ته شهرين کي بينڪن جا تفصيل يا ڪريڊٽ ڪارڊ جي ڄاڻ ڪنهن کي ڏيڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي.
هن واضح ڪيو ته بينڪ طرفان ڪڏهن به واهپيدارن سان رابطو ڪري ڄاڻ اپ ڊيٽ ڪرڻ جي درخواست ناهي ڪئي ويندي.
دبئي ۾ اينٽي اڪنامڪ ڪرائمز ڊپارٽمينٽ جي ڊائريڪٽر ڪرنل ڊاڪٽر خالد عارف الشيخ پڻ ان حوالي سان کاتي جي ڪارڪردگي بابت ٻڌايو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.