5 ارب ڊالر سيڙپڪاري جو مرحلو جلد مڪمل ڪيو ويندو: وزيراعظم ۽ سعودي ولي عهد ۾ ملاقات جي پڌرائي جاري

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي ولي عهد محمد بن سلمان ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي ملاقات جي گڏيل پڌرائي جاري ڪئي وئي.
پڌرائيءَ موجب ٻنهي الصفا پيلس مڪي ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ سعودي ولي عهد عهدو سنڀالڻ تي شهباز شريف کي مبارڪباد ڏني ۽ سندس لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته ملاقات ۾ پاڪستان ۾ 5 ارب ڊالر ماليت جي سعودي سيڙپڪاري پيڪيج جو پهريون مرحلو جلد مڪمل ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو.
ملاقات ۾ پاڪستاني معيشت ۾ سعودي عرب جي سهڪار کي ساراهيو ويو ۽ پاڪ – سعودي ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري ۾ سهڪار وڌائڻ جي گڏيل عزم جو اظهار ڪيو ويو.
شهباز شريف سعودي عرب جي حمايت ۽ مهمان نوازي تي ولي عهد جا ٿورا مڃيا ۽ ٻه طرفن لاڳاپن ۽ اقتصادي سهڪار کي هٿي ڏيڻ لاءِ عزم جو اظهار ڪيو.
سعودي ولي عهد جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت به قبول ڪري ورتي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.