موسميات کاتي عيد تي برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عيد جي موقعي تي ملڪ جي مختلف حصن ۾ برساتن جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب اولهه هوائن جو سلسلو 10 اپريل تي ملڪ جي مٿين علائقن ۾ داخل ٿيندو ۽ برسات جو اهو سلسلو 10 کان 15 اپريل تائين وقفي وقفي سان جاري رهندو.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته خيبر پختونخواهه ۾ 10 کان 15 اپريل تائين ڪجهه هنڌن تي تيز برسات ۽ ڳڙي جو امڪان آهي.
ان کانسواءِ ڪشمير، گلگت بلتستان ۾ تيز برسات ۽ جابلو علائقن ۾ برفباري جو امڪان آهي، مري، گليات، اٽڪ ۽ چڪوال ۾ وقفي وقفي سان برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته فيصل آباد، سرگوڌا ۽ سيالڪوٽ سميت پنجاب جي مختلف شهرن ۾ به برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
موسميات کاتي موجب 12 کان 14 اپريل تائين بلوچستان جي مختلف حصن ۾ برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته ڪراچي، حيدرآباد، سکر، جيڪب آباد ۾ 13 ۽ 14 اپريل تي مينهن وسڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.