موزمبيق ۾ ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب 90 ڄڻا ٻڏي فوت، ڪيترائي گم

نمپولا ( ويب ڊيسڪ ) ڏکڻ اوڀر آفريڪا جي ملڪ موزمبيق جي اتر سمنڊ ۾ ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب 90 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب ٻيڙي سان ان وقت حادثو پيش آيو، جڏهن ته نمپولا صوبي جي سامونڊي علائقي لونگا کان موزمبيق جي ٻيٽ ڏانهن وڃي رهي هئي.
نمپولا صوبي جي اختيارين چيو آهي ته ٻيڙيءَ تي سوار 130 ماڻهن مان پنج ماڻهن کي بچايو ويو آهي.
نمپولا سيڪريٽري آف اسٽيٽ جيم نيٽو چيو ته ماڻهو صوبي ۾ ڪالرا جي وبا کان بچڻ لاءِ ٻيٽ ڏانهن وڃي رهيا هئا، ٻڏي فوت ٿيلن ۾ وڏو انگ ٻارن جو آهي .
سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيو ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته سمنڊ جي ڪناري تي درجن لاش موجود آهن.
واضح رهي ته گذريل سال جنوري کان وٺي ڏکڻ آفريقا جا ڪيترائي ملڪ ڪالرا کان متاثر ٿيا آهن جن ۾ نمپولا صوبو سڀ کان وڌيڪ ڪالرا کان متاثر ٿيو آهي.
يونيسيف ان وبا کي پنهنجي 25 سالن جي تاريخ ۾ بدترين قرار ڏيندي چيو آهي ته موزمبيق آڪٽوبر 2023 کان وٺي 13 هزار 700 تصديق ٿيل ۽ 30 فوتگين جي رپورٽ ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.