ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ حڪومت عيدالفطر تي 4 ڏينهن جي موڪلن جو اعلان ڪيو آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن موجب عيد جون موڪلون اربع 10 اپريل کان ڇنڇر 13 اپريل تائين هونديون.
ٻئي طرف وفاقي حڪومت اڳواٽ ئي عيدالفطر جي موقعي تي 10 کان 13 اپريل تائين عام موڪل اعلان ڪري چڪي آهي.