ڪچي ۾ سوشل ميڊيا بند نٿا ڪري سگهون، سائبر ڪرائم کي ريفرنس موڪليا آهن: آءِ جي سنڌ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آءِ جي سنڌ پوليس غلام نبي ميمڻ چيو آهي ته ڪچي ۾ سوشل ميڊيا کي بند نٿا ڪري سگهون، سائبر ڪرائم کي ريفرنس موڪليا آهن.
گهوٽڪي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي غلام نبي ميمڻ چيو ته چڪي ۾ هٿيار ڪير پهچائي رهيو آهي ان بابت پتو لڳائڻ لاءِ سي ٽي ڊي کي ٽاسڪ ڏنو آهي، هو ان تي ڪم ڪري رهيا آهن.
هن چيو ته اسان ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪنداسين، ڪچي ۾ آپريشن جو اهو ئي طريقو آهي، ڪچي ۾ رڳو بدمعاش نه شريف ماڻهو به رهن ٿا، تنهن ڪري انٽيليجنس آپريشن ڪندا آهيو، ڪچي جو علائقو تمام ننڍو آهي پر اندر وڃڻ کانپوءِ حقيقتون ڪجهه ٻيون هونديون آهن.
سندس چوڻ هو ته قبيلائي دهشتگردي جي روڪٿام تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻو پوندو، شڪارپور ۽ ڪشمور اهڙا ضلعا آهن، جتي خاص طور امن چاهيون ٿا، سکر رينج ۾ ڪو به ڌاڙيلن جي قبضي ۾ ناهي.
آءِ جي سنڌ چيو ته پوليس کي جديد هٿيار ۽ گاڏيون ڏئي رهيا آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.