اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ )اڳوڻي وزيراعظم شاهد خان عباسي نئين سياسي جماعت رجسٽر ڪرائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن سان رابطو ڪيو آهي.
ن ليگ جي اڳوڻي ليڊر شاهد خان عباسي سياسي پارٽي جي رجسٽريشن لاءِ دستاويز اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا.
ان موقعي ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسيءَ چيو ته سياسي پارٽي جي رجسٽريشن لاءِ اليڪشن ڪميشن کي گهربل دستاويز فراهم ڪري ڇڏيا آهن.
هن وڌيڪ چيو ته اليڪشن ايڪٽ 2017ع موجب سياسي جماعت رجسٽر ڪرائي رهيا آهيون، ايندڙ اليڪشن ۾ نئين سياسي جماعت تحت چونڊن ۾ حصو وٺنداسين.
You might also like