ڪراچي( ذوالفقار راڄپر ) سنڌ جي گاديءَ واري شهر ڪراچي ۾ پاڪستان ٺهڻ کان اڳ موجود قديم عمارتن جي مڪمل سروي ۽ سنڌ ثقافت کاتي جي قديم عمارتن جي تحفظ واري اداري پاران مڪمل سروي نه هئڻ ڪري رنڇوڙ لائين، مٺو ۽ کارو در، ٽاور، شو مارڪيٽ، گارڊن، صدر ٽائون جي ڪينٽ اسٽيشن، فريئر هال جي چوديواري ۽ عمارت جي اندر ۽ ٻاهر جي خراب حالت، بوهري بازار، لڪي اسٽار، ملير 15، ملير مندر ، پراڻي ڪلفٽن ،ڪياماڙي، لياري، لي مارڪيٽ، سولجر بازار،نمائش سميت پراڻي ڪراچي ۾ موجود قديم عمارتن جي مڪمل سروي نه هئڻ ۽ انهن کي قديم عمارتن طور ظاهر نه هئڻ ڪري ڪيتريون ئي عمارتون، بنگلا پرائيويٽ ۽ سرڪاري فورسز جي قبضي هيٺ اچي ويا آهن،جن تاريخي ادراڪ ۽ قديم عمارتن جي اهميت نه هئڻ ڪري انهن جي اصلي صورت بگاڙي ڇڏي آهي، جن جا مثال بندر روڊ تي ريڊيو پاڪستان ( لوڪل حڪومت ) جي عمارت، مٺا رام هاسٽل، ملير مندر وغيره سان اتي سالن کان ويٺلن جو اختيار ڪيل خراب سلوڪ ۽ بي حرمتي آهي. تازو صدر ٽائون ۾ ڪينٽ اسٽيشن روڊ تي 1940 جي هڪ عمارت ”چيٽو مل شيورم “ کي مسمار ڪري اتي هڪ نجي مالڪ هوٽل ٺاهي رهيو آهي،جنهن جو قديم عمارتن جي تحفظ جي سنڌ حڪومت ۽ نجي ادارن ڪوبه نوٽيس نه ورتو آهي.ان حوالي سان ڪراچي پريس ڪلب جي ميمبر، نجي ٽي وي چينل جي رپورٽر، ليکڪ ۽ قديم عمارتن سان لڳاءُ رکندڙ صحافي قاضي آصف روزاني عوامي سان ڳالهائيندي چيو ته ثقافت کاتي کي اڃان وڌيڪ قديم عمارتن جي تحفظ لاءِ هڪ ٽاسڪ فورس ٺاهڻ گهرجي، ڪراچي شهر جو هڪ وڏو الميو اهوآهي ته پاڪستان ٺهڻ بعد انگريزن جي وڃڻ بعد هتان جي مقامي سنڌي آبادي کي زبردستي ڀارت موڪليو ويو، ان بعد باقي بچيل يهودي، پارسي آبادي به آهستي آهستي ڪراچي شهر ڇڏي ويا، جن جا هاڻي يادگار بچيا آهن، جن ۽ انگريز سرڪارهن شهر ۾ قديم خوبصورت عمارتون جوڙايون، اڄ به پارسين جي بنگلن ۽ ملڪيتن تي سرڪاري ۽ نجي سطح تي قبضا ٿي رهيا آهن، ملڪ جي ٻين صوبن کان آيل آبادي جي لشڪرن هن شهر کي فتح ٿيل علائقو سمجهي مسمار ڪيو آهي. پاڪستان ٺهڻ سان جتي سڄي سنڌ جو نقصان ٿيو آهي اتي ڪراچي شهر به اجڙي ويو آهي. سنڌ جي ثقافت کاتي کي صدر ٽائون کان وٺي ملير تائين نئين سر قديم عمارتن جي ٻيهر سروي ڪرائڻ گهرجي. ٻي طرف روزني عوامي آواز طرفان سنڌ جي ثقافت واري وزير ذوالفقار علي شاهه سان رابطي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ان پنهنجو فون ڪٽي ڇڏيو.