ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ 69 هزار پوائنٽس جي حد پار ڪري نئين تاريخ لکي ڇڏي.
اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ڪاروباري ڏينهن جي شروعات سان ئي هاڪاري رجحان ڏٺو ويو ۽ ڪاروبار دوران 100انڊيڪس 69 هزار پوائنٽس جي حد پار ڪري ويو جيڪا ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح آهي.
ڪاروبار جي پڄاڻي تي 100 انڊيڪس 1203 پوائنٽون واڌ سان 69 هزار 720 تي بند ٿيو.
واضح رهي ته گذريل هفتي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس جي ڪاروبار دوران تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 68 هزار جي حد پار ڪئي هئي.
واضح رهي ته گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ زبردست تيزي نظر اچي رهي آهي ۽ روز نوان رڪارڊ قائم ٿي رهيا آهن.
Prev Post
You might also like