ڪوهاٽ ( م ڊ ) پي ٽي آءِ جا اندروني اختلاف سامهون اچي ويا، شهريار آفريدي پاران پارٽي قيادت کي ڌمڪيون ڏنيون ويون آهن، پاڪستان تحريڪ انصاف جا اندروني اختلاف هاڻي سامهون اچي ويا آهن. پي ٽي آءِ اڳواڻ شهريار آفريدي ڪوهاٽ جي جلسي ۾ پي ٽي آءِ قيادت کي ڌمڪي ڏيندي چيو ته پارٽي ۾ هن وقت ڪي منافق ۽ نانگ موجود آهن، ڪجهه ماڻهن کي پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ته مان هن وقت تائين خاموش آهيان، مونکي ڳالهائڻ تي مجبور نه ڪيو. شهريار آفريدي چيو ته هي پارٽي انهن جي آهي جن جي مائرن ۽ ڀينرن جي بي حرمتي ڪئي وئي، علي امين گنڊاپور سميت سموري پارٽي قيادت کي پيغام موڪلي رهيو آهيان ته ڪارڪنن کي اڳتي آڻيو.قومي اسيمبلي جي ميمبر چيو ته پارٽي پيراشوٽ تان آيل ماڻهن کي رد ڪري ٿي، جن پٺ ۾ ڇرڪ ڀريو، کين ٻيهر گلا ڪرڻ نه ڏينداسين.