اسان جا ڪجهه ماڻهو پارٽي ٽوڙڻ لاءِ اسٽيبلشمينٽ سان رابطي ۾ آهن: عمران خان

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان جو چوڻ آهي ته حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ باوجود جنرل باجوا سان ٻه ڀيرا ملاقات ڪري سگهان ٿو، ڪنهن سان به ملي سگهان ٿو،جڏهن اسان اقتدار ۾ هئاسين ته  فوج جو اميج آسمان تي هو، فوج جو اميج ان ڏينهن خراب ٿيو جڏهن اهي چورن سان گڏ ويٺا،اڊيالا جيل ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته 3 ارب جي مقرر ڪيل گراف جيولري جي قيمت ظاهر ڪري اسان کي سزا ڏني وئي، جڏهن اسان اسان گراف جيولري سيٽ جي ڪوٽيشن ورتي جنهن مطابق ان سيٽ جي قيمت هڪ ڪروڙ 80 لک رپيا بڻجي ٿي،انعام شاهه ۽ توشه خاني جي هڪ ملازم کي آءِ ايس آءِ منهنجي خلاف شاهد بڻايو.عمران خان چيو آهي ته اسان جا ڪجهه ماڻهو مخالفن سان رابطي ۾ آهن جيڪي پارٽي ٽوڙڻ چاهين ٿا، اهي ئي ماڻهو بشرا بي بي تي آمريڪي ايجنٽ هجڻ جا الزام لڳائي رهيا آهن،هن چيو ته مون فوج سان گڏ جهيڙو ناهي ڪيو، جنرل فيض ۽ جنرل باجوا زرداري ۽ شريف خاندان جي ڪرپشن بابت ٻڌايو هو،مان اڄ سياست مان پٺتي هٽان ته سڀ  ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو، هو اسان جي مينڊيٽ کي گهٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.عمران خان چيو ته مان 6 ججن کي سلام پيش ڪريان ٿو، جنهن ملڪ ۾ ججن کي ڌمڪيون ملي رهيون آهن ان ۾ ڪير سيڙپڪاري ڪندو. توشاخانه ريفرنس ٺاهڻ تي چيئرمين نيب ۽ انعام شاهه خلاف ڪيس داخل ڪندس هن چيو ته فواد چوڌري پريس ڪانفرنس ڪئي پر کيس واعده معاف گواهه بڻائڻ لاءِ قيد ڪيو ويو آهي، پرويز الاهي ۽ شاهه محمود قريشي اڄ پريس ڪانفرنس ڪن ته سندن سمورا ڪيس ختم ٿي ويندا.هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي فيض آباد ڌرڻو ڪيس ۽ ڀٽو ڪيس ياد آهن پر قاضي فيض عيسيٰ کي نظر نٿو اچي ته ماڻهو فوجي جيلن ۾ قيد آهن.عمران خان چيو ته جنرل عاصم منير مون کي ٽوڙڻ لاءِ توشا خانه ريفرنس ۾ بشريٰ بي بي کي سزا ڏياري،زرداري ۽ نوازشريف توشا خانه  مان گاڏيون ورتيون انهن جو ڪيس ڇو نه پيو ٻڌو وڃي، نون ليگ جو جنازو تڏهن نڪرندو جڏهن قوم تي مهانگائي مڙهي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.