مٺي/ڪلوئي(رپورٽ:غازي بجير/نواز بلوچ) اربين رپين جي بجيٽ تين وال ڪندڙ پُراڻ ندي تي بدين ضلعي جي آخري ڪس ۽ ڪلوئي جي يوسي سارهوڙ جي ڳوٺ ٻنوهار وٽان ڪيترن ئي ڳوٺن جي عوام پُل صراط جهڙي پُل تان گذرڻ تي مجبور آهي،اُنهي سلسلي ۾ مليل رپورٽن موجب ته ضلع بدين ۽ ٿرپارڪر جي حدبندي ڪندڙ پراڻ جيڪا ٿرپارڪر جي يوسي سارھوڙ جي اولھ واري ميلن ۾ پوري پٽي بدين ضلع جي يوسي مٺي ٿري کي ملائي ٿي،ھزاين ماڻھو روزانو پراڻ کي ڪراس ڪري اچ وڃ ڪن ٿا،جنھن ۾ يوسي سارھوڙ جا ڳُتيل ڳوٺ ٻنوھار،ڪاٺڙي،گھيٽو مڪان ۽ ڪاساري جا سوين ماڻھن کي روزانو ڪمن ڪارن،مزدوري خاطر اچڻ وڃڻ ٿئي ٿو،سالن کان پُل جي سھولت لاءِ تقريبن 12 ڳوٺن جا ماڻھو دانھون ڪندا رھيا آهن،برساتن ۾ ٻوڏ وقت ٻيڙين ذريعي گذرڻو پوي ٿو،جن ۾ ڪيتريون انساني جانيون ضايع ٿي چڪيون آھن،اُنهي سلسلي ۾ سماجي اڳواڻ محمد خان لُنڊ چيو آهي ته پُل صراط جهڙي هن پُل تان سوين ماڻهو روزاني اکين سان موت ڏسندي ڏسندي گذرن ٿا،حڪمرانن کي اکين ۾ ڪجھ به نه ٿو ٿئي،يوسي سارھوڙ ۾ ڊسپينسري ٻنوھار،آرڏو،يوسي سارھوڙ جي ھيڊ ڪوارٽر جي ڳوٺ سارھوڙ ۾ سالن کان ڊسپينسريز بند پيون آھن،رڪارڊ ۾ سالن کان ڊاڪٽر گھر ويٺي پگھارون به کڻي رھيا آھن،ڪنھن اسپتال پھچڻ لاءِ رستو نه ھئڻ سبب مريض گھر جي بستري تي مريو وڃن ٿا،ھن جديد دؤر ۾ ڪو به روڊ رستو نه آھي،ڪميونيڪيشن فون نيٽ ورڪ کان به وانجھايل آھن،اسڪول بند پيل آهن،ماڻھو ھن وقت جھنگ جي زماني ۾ رھندڙ آھن،دنيا کان ڪٽيل آھن،نيٺ وڃي پنھنجي مدد پاڻ تحت پل سراط پل ٺاھي اٿن،ڏسجي ته اُھا پلصطراط پل کين پار ڪرائي ٿي يا پلصطراط پار ڪندي پراڻ جي وھڪري ۾ وھي شڪور ڍنڍ ٿا پھچن،
-
پُراڻ کي ڪَٽ ڏئڻ بعد گذرڻ جا رستا بند ٿي ويا
مٺي:ڳوٺاڻن ٻُڌيو آهي ته ڳوٺ ٻنوهار ۾ 12 سئو ووٽ ڪاسٽ ٿين ٿا،هتان 12 ڳوٺن جو لنگهھ آهي،پُراڻ کي ڪَٽ ڏئڻ بعد هاڻي هتان گذرڻ جا رستا بند ٿي ويا آهن،ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت جُڳاڙ ذريعي ڪاٺين جي لڪڙن جي پُل ٺاهي رهيا آهن،جتان گذر ٿئي ٿو،
-
ٻه ڏينهن هڪ عورت پراڻ ۾ ٻڏي وئي
مٺي:ڳوٺاڻا ٻُڌائين ٿا ته 2 ڏينھن پراڻ ڪراس ڪندي ڳوٺاڻي سوڍو لنڊ جي 35 سالن جي گهرواري پراڻ ۾ ٻڏي وئي هئي،