ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪي فور پراجڪيٽ سيشن جي حوالي سان اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، چيئرمين پي اينڊ ڊي نجم شاهه، ميونسپل سيڪريٽري خالد حيدر شاهه، سيڪريٽري فنانس فياض جتوئي، سيڪريٽري آبپاشي ظريف ڪيريو، سي اي او واٽر بورڊ صلاح الدين ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير چيو تھ ڪي فور پروجيڪٽ ۾تمام گهڻي دير ٿي چڪي آهي، جڏھن تھ ڪنهن به دير لاءِ وڌيڪ گنجائش ھاڻي ناھي رھي. چيئرمين پي اينڊ ڊي سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ ۽ پي ڊي واپڊا پاران سنڌ جي وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي آگاھھ ڪيو ويو تھ ڪي فور منصوبي جي مين اسٽريم ورڪ 126 بلين روپين جو منصوبو آهي، جنهن لاءِ وفاقي حڪومت فنڊنگ ڪندي ۽ ڪي فور منصوبي ۾ 74 ارب رپين جي لاڳت سان چار اگمينٽيشن آهن، جنهن ۾ 80 سيڪڙو ڊونر تنظيمون ۽ 20 سيڪڙو سنڌ حڪومت ڏيندي، جڏھن تھ ڪي بي فيڊر جي لائيننگ 50 سيڪڙو وفاقي حڪومت ۽ 50 سيڪڙو سنڌ حڪومت ادا ڪندي.سنڌ جي وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته ڪي 4 مين اسٽريم جا 8 ڪانٽريڪٽ پيڪيجز آهن، جنھن جي تعمير سڀني مرحلن ۾ جاري آهي، چار مين اسٽريم تحت 52.62 بلين رپين جي مقابلي ۾ 40.36 بلين رپيا جاري ڪيا ويا آهن. وڏي وزير چيو ته وفاق کي چوندس ته پي ايس ڊي پي جا فنڊ جاري ڪيا وڃن. سنڌ جي وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته اگمينٽيشن جو پي سي ون پلاننگ ڪميشن ۾ غور هيٺ آهي، وزير کي ٻڌايو ويو ته 0.4 ڪلوميٽر زمين جي معاملي تي تڪرار هلندڙ آهي. جنھن تي سنڌ جي وڏي وزير چيف سيڪريٽري کي زمين جو مسئلو حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ قانوني ٽيم کي ڪيس ختم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.سنڌ جي وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته ايم ايس پائپ لڳايا پيا وڃن.جنھن تي سنڌ جي وڏي وزير واپڊا کي ڪم مڪمل ڪرڻ لاءِ ٽائم لائن ڏئي ڇڏي.